دائودپوٽن جي جنگ

دائودپوٽن جي جنگ (ديري غازي خان جي دائودپوٽن جي جنگ): ’تاريخ ڪلهوڙا‘ ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته: ”ڏهرن کان جنگ کٽڻ کان پوءِ دائودپوٽن ملتان ۾ شهزادي معزالدين ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي، پر دائودپوٽن کان پهرين بختيار خان شهزادي معزالدين کي پنهنجو ڪري ڇڏيو، دائودپوٽا ملتان پهچي مايوس ٿي ويا. دائودپوٽا اڃا اتي ئي هئا ته ديري غازي خان جي والي پنهنجن صلاحڪارن قطب خان ۽ عثمان خان جي چرچ تي بغاوت جو عَلم کڙو ڪيو. ديري غازي خان جي واليءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ شهزادي مٿس حملو ڪيو. جنگ ۾ شاهي لشڪر ڪمزور ٿي پيو، جنهن کان پوءِ دائودپوٽا پنهنجي لشڪر سميت شاهي لشڪر ۾ شامل ٿي وڙهڻ لڳا، جنهن کانپوءِ ديري غازي خان جي واليءَ کي شڪست آئي ۽ دائودپوٽن قطب خان ۽ عثمان خان کي گرفتار ڪري شهزادي آڏو پيش ڪيو. ان تي شهزادي جي نظر ۾ دائود پوٽن لاءِ عزت پيدا ٿي. هن ئي موقعي تي سيتپور ۽ جلالپور جا سادات اٺ هزار لشڪر وٺي، ديري غازي خان جي واليءَ جي حمايت ۾ حملو ڪري آيا ۽ جنهن هاٿيءَ تي شهزادي جا حرم سوار هئا، سي خطري ۾ پئجي ويا، هتي به ٻين دائودپوٽن مان سنجر خان دائودپوٽي وڏي دليريءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ حملي آورن کي هار ٿي. شهزادو معز الدين دائود پوٽن تي ويتر مهربان ٿيو، ان ڪري انهن مان هر هڪ کي مالا مال ڪيائين. هن سنجر خان کي پنهنجو خاص خنجر عطا ڪيو ۽ امير محمد مبارڪ کي شاهي منصبدار بنايو. ان کانپوءِ معزالدين دائود پوٽن سان گڏ بختيار خان تي حملو ڪيو، جنگ ۾ بختيار خان مارجي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو